شانت رس

شانت رس (Quietistic): شاعريءَ جو اهڙو قسم، جنهن جي پڙهڻ سان من، دنيا جي ڪاروهنوار کان آجائي ۽ سڪون ماڻي سگهجي ۽ دنياوي خفن کان پري رهڻ جو اظهار ملي. شانت رس، هندي سينگار رس شاعريءَ جو مکيه انگ آهي. سنڌي سگهڙن ۽ شاعرن به سينگار شاعريءَ جي ٻين قسمن سان گڏ شانت رس کي به ڪم آندو آهي.
شاهه جو هيٺيون بيت ان رنگ جو ساکي آهي:
سيويو جن سبحان، وير نه وڙهي تن سين،
ڏئي توڪل تڪيو، آر لنگهيا آسان،
توبهه جي تاثير سين، تري ويا طوفان،
ڪامل ڪشتيبان، وچ ۾ گڏين واهرو.
(سريراڳ، شاهه جو گنج)


لفظ شانت رسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو